سنڌيءَ جو عروض

سنڌيءَ جو عروض

سنڌيءَ جو عروض

سنڌيءَ جو عروض (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف سنڌ جو نامور عالم ۽ شاعر ميرزا سڪندر علي بيگ آهي. هي ڪتاب فن شاعريءَ جي سکيا تي لکيل آهي. ’ناشر طرفان‘ نوٽ ۾ مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته: ”سنڌي شاعري جن مختلف مرحلن مان گذري موجوده دؤر جي شاعريءَ تائين پهتي آهي، انهن ۾ هڪ وڏو مرحلو عروضي شاعريءَ جو به رهيو آهي. انهيءَ شاعريءَ جي بنيادي جوڙجڪ سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ماڻهوءَ کي علم عروض جي ڄاڻ هجي. اسان مٿيون ٻئي ڳالهيون ذهن ۾ رکي ميرزا سڪندر علي بيگ جو هي ڪتاب ’سنڌي جو عروض‘ اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي.“
ميرزا سڪندر علي بيگ تفصيلي مقدمي سان گڏ ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي. باب پهرين ۾ علم عروض، شعر، وزن، قافيي، موزون ۽ ناموزون، بيت ۽ مصرعن جي تفصيلي وضاحت بيان ڪئي آهي، باب ٻئي ۾ علم عروض جي اصول ارڪان بابت، باب ٽئين ۾ بحر جي تعريف ۽ مفرد ۽ مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن، بحرن جا پنج دائره، باب چوٿين ۾ علم عروض جي اهم رڪن زحافن جي تفصيلي سمجهاڻي، باب پنجين ۾ شعر جي تقطيح بابت، باب ڇهين ۾ 19 ئي ابتدائي بحرن جو تفصيل ۽ انهن مان ٺهندڙ ٻيا بحر ،وزن، انهن ۾ بحر هزج، رمل، رجز، ڪامل، وافر، متقارب، متدارڪ، منسرح، بسيط، مقتضب، مضارع، مجتث، طويل، مريد، سريح، خفيف ، جرير، قريب ۽ مشاڪل جي سمجهاڻي، شاعريءَ جي صنفن قصيده، غزل، مثنوي، رباعي، مستزاد، فرد، قطع، ترڪيب بند ۽ ترجيح بند، مسمط، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، متسبع، معشر، مناجات، نعت، منقبت، مرثيه، سلام، نوحه، ندبه، واسوخت، شهر آشوب، مدح، هجو، هزل، سهرو، ريختي، معمه يا ڳجهارت، تضمين، اقتباس، عقد، تصرف، سه حرفي (ٽيهه اکري) ۽ تاريخ گوئيءَ جي تفصيلي سمجهاڻي آهي. هن باب ۾ قطعه تاريخ جي فن کي آسان ڪري سمجهايو ويو آهي. باب اٺين ۾ چند اصطلاحن جي تعريف کانسواءِ علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي فرهنگ ڏنل آهي، جنهن ۾ علم عروض ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي ۽ فارسي لفظ ۽ اصطلاح شامل آهن.
ان کانسواءِ ڪتاب جي ڇپجڻ واري سال تي طويل قطعه تاريخ زبر وبينات جي قاعدي موجب سنڌ جي نامور اديب ۽ محقق ميرزا عباس علي بيگ چئي آهي، جنهن جو آخري شعر مقطع هن ريت آهي:
سن زبر بينات ۾ ’عباس‘ هيئن چيم
’ميزانِ شعر روح ادب هي‘ ڪتاب ٿيو
1406هه
ڪتاب جي آخر ۾ ببليوگرافيءَ کانپوءِ ڀل نامو پڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 308 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري طرفان 1986ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 45 روپيا آهي.


لفظ سنڌيءَ جو عروضھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو